صادق فقير

صادق فقير

صادق فقير

صادق فقير: ناليواري راڳي صادق فقير ولد فيض محمد مڱڻهار جو جنم 20 مارچ 1963ع تي مٺي شهر، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. سندس تعليم سنڌي ادب ۾ ايم. اي هئي. تعليم کاتي ۾ استاد هو. صادق کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. هن راڳ جي ابتدائي سکيا حسين فقير کان ورتي. هن ڳائڻ جي شروعات 1982ع ڌاري مٺي ڪاليج جي هڪ پروگرام ۾ شاگرد جي حيثيت سان ڪئي. استاد ملڻ سبب راڳ جي دنيا ۾ قدم رکيائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا متعارف ڪرايو. جنهن دوران نامور شاعر اياز گل جي وائي ‘تو کان ٿيندي ڌار’ رڪارڊ ڪائين، جيڪا گهڻي پسند ڪئي وئي. 1988ع ۾ پي ٽي وي تي کيس شمشير الحيدريءَ متعارف ڪرايو. صادق فقير سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جو بنيادي ميمبر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. ان کان سواءِ هو مٺيءَ ۾ سگا ۾ سرگرم رهيو. هيءُ مٺي شهر ۾ ‘سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ’ جو سربراهه رهيو. صادق فقير جا لڳ ڀڳ 50 آڊيو ڪئسيٽن جا البم رڪارڊ ٿيا ۽ ڪيترائي گيت مختلف سنڌي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهيا. هن سنڌ جي نامور شاعرن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست سميت شيخ اياز، حافظ نظاماڻي، امداد حسيني، تنوير عباسي، وفا ناٿن شاهي، اياز گل، ادل سومرو، سائينداد ساند سميت ڪيترن کي ڳايو. ان کان سواءِ هن مرزا غالب، فيض احمد فيض کي پڻ ڳايو آهي. صادق فقير خاندان سميت عمري تي ويل هو، جتي 26 فيبروري 2015ع تي گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو، جنهن حادثي ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس خاندان جا ٽي فرد سخت زخمي ٿي پيا هئا. صادق جي لاش کي ڏيهه آڻي مٺيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس وفات تي ڊاڪٽر اسحاق سميجي ‘تو کان ٿيندي ڌار’ ۽ علي نواز آريسر/ زاهد اوٺيچڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو’ نالن سان ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا، جن ۾ صادق جي دوستن جا مضمون شامل آهن. صادق کي ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. سندس ٻه پٽ نزاڪت ۽ راحت پنهنجي والد جي گائڪيءَ واري ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا.


لفظ صادق فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.03.20  عيسوي

صادق فقيرجو جنم 20 مارچ 1963ع تي مٺي شهر، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو.


2015.02.26  عيسوي

صادق فقير خاندان سميت عمري تي ويل هو، جتي 26 فيبروري 2015ع تي گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو، جنهن حادثي ۾ وفات ڪري ويو



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آزاد صوفي گائڪ
سيد موٽڻ شاهه
سڄڻ مڱڻهار
دين محمد شيخ 2
عاشق نظاماڻي
سچل فقير جتوئي
سينگار علي سليم
پنڪج اُڌاس
بالي/گولي
رگهورام شرما
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون